15/01/2026
بريڪنگ نيوز
قرآن پاڪ جي صورت تڪوير آيت نمبر 09 جو مفهوم آهي ته ڪهڙي گناھ تحت ان کي قتل ڪيو ويو؟؟؟
انسان دوست ويلفئير قاضي احمد جي چيئرمين ايڊووڪيٽ حفيظ الرحمٰن جوڻو جي سڏ ۽ مين پرائمري اسڪول قاضي احمد جي انتظاميه جي تعاون سان ننڍڙا ٻار قاضي احمد شهر جي روڊن تي نڪري آيا ۽ قاضي احمد شهر ۾ ٻارڙن جو زوردار نارا ته؛-
ٻارن کي مارڻ بند ڪيو،
اسان جو ڏوھ ڪهڙو جو ماريه ٿا وڃون؟
اسان جو ڏوھ ڪهڙو جو ڪتن جي حوالي ڪيا ٿا وڃون؟
اسان جو ڏوھ ڪهڙو جو اسان کي بگهڙن جي حوالي ڪيو ٿو وڃي؟
اسان جو ڏوھ ڪهڙو جو اسان کي گهٽا ڏئي ماري گندگي جي ڍير تي اڇلايا ٿا وڃن؟
اسان کي ڪهڙي ڏوھ جي سزا تحت ڪن بگهڙن ۽ جانورن جي هٿان پٽرايو ۽ جسم جي ٽڪرا ٽڪرا ڪرايو ٿو وڃي؟
اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان پنهنجي قوم جي نياڻين اسان جي مائرن ڀينرن ۽ ڀائرن کي هٿ ٻڌي التجا ٿا ڪيون هڪڙو ته اهڙا غلط ڪم نه ڪيو اگر اوهان کان ڪا غلطي ٿي آهي ته ٻار گند جي ڍير تي نه اڇلايو اسان قرآن پاڪ تي چيو آهي ته اهي ٻار اسان کي ڏنو مئل هوندا ته اسلامي طريقي سان دفن ڪنداسين زنده هوندا ته پرورش ڪنداسين اهي ٻار اڇلايا نه وڃن اهي ٻار ايڌي سينٽر يان انسان دوست ويلفئير قاضي احمد جي حوالي ڪيو اسان واعدو ٿو ڪيان ته اوهان جو نالو مڪمل راز ۾ رکيو ويندو هڪ ماڻهون جو قتل انسانيت جو قتل عام آهي خدارا انسانيت جو قتل عام بند ڪيو،
۽ انتظاميه کان به اپيل ٿا ڪيون ته جيڪي ٻار اڇلايه وڃن ان جي فيئر انويسٽيگيشن ڪئي وڃي ۽ جيڪي ڏوهي آهي نهن جي خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
ان موقعي تي انسان دوست ويلفئير قاضي احمد جي چيئرمين سان گڏ ان جي ٽيم سائين امير ساجدي، پرڪاش ڪمار، جي ايم راهو، عنايت شاھ ڪرني، علي احمد جوڻو، مسعود احمد جوڻو، محمد رفيق ملاح، سهيل احمد ملاح، فقير سجاد حسين خاصخيلي ۽ ٻيا دوست گڏ هيا.